قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد جي سزا

شهدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار پاران قتل جي واردات ۾ استعمال ٿيندڙ پسٽل غير قانوني هجڻ تي 7 سال قيد ۽ 20هزار ڏنڊ پڻ وڌو ويو. ياد رهي ته جوابدار محمد سليم عرف شاهد ميراڻي 3سال اڳ پيسن جي ڏيتي ليتي تان پسٽل جا فائر ڪري خادم بروهي کي قتل ڪيو هو جنهن جي فرياد سندس چاچي رمضان بروهي جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي جنهن جي اڄ ماڊل ٽرائيل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي جتي ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ 5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڏنڊ جي رقم مقتول جي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. هوڏانهن سزا ٻڌائڻ بعد جوابدار کي لاڙڪاڻي سينٽر جيل منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو