سزا خلاف اپيلون منظور، خان ۽ بشريٰ عدت ڪيس مان آزاد

سزا خلاف اپيلون منظور، خان ۽ بشريٰ عدت ڪيس مان آزاد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي عدالت عدت نڪاح ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي کي سزا ٻڌائي ڇڏي.هلندڙ سال 3 فيبروري تي اسلام آباد جي سول جج قدرت الله پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشرا بي بي کي 7 سال قيد ۽ 5.5 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.جج افضل مجوڪا عدت ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشرا بي بي جي سزا خلاف اپيلن تي فيصلو اڄ ٻڌايو.عدالت ٻنهي جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏيندي بريت جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي باني بصرا بي بي ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.عدالت عمران خان ۽ بشرا بي بي کي آزاد ڪرڻ جا روبڪار جاري ڪري ڇڏيا.

پهنجو تبصرو موڪليو