لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي سميت 9 جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ايف آءِ اي مونس الاهي سميت 9 جوابدارن جو نامکمل چالان عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ مونس الاهي سميت 6 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو ويو.ايف آءِ اي عدالت کي استدعا ڪئي ته مونس الاهي سميت 9 جوابدارن جون ملڪيتون منجمد ڪيون وڃن، عدالت مونس الاهي ۽ ضيغم عباس سميت 9 جوابدارن جي ملڪيت منجمد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.بعد ۾ مونس الاهي ۽ ضيغم عباس جي وڪيلن ملڪيتون منجمند ڪرڻ بابت دليلن لاءِ مهلت گهري ورتي، جنهن تي عدالت مونس الاهي ۽ ضيغم عباس جي وڪيلن کي 20 آگسٽ تائين دليل جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.ايف آءِ اي موجب مونس الاهي جي گرفتاري لاءِ انٽرنيشنل پوليس سان رابطي ۾ آهن، ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته انٽرپول مونس الاهي کي ريڊ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، زارا الاهي تي ڪڪ بيڪ جو به الزام آهي.ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر موجب زارا الاهي پنهنجي آمدني ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.










