واٽس ايپ جو هي فيچر اوهان جا کوڙ سارا مسئلا حل ڪري ڇڏيندو

واٽس ايپ جو هي فيچر اوهان جا کوڙ سارا مسئلا حل ڪري ڇڏيندو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو هنيئر تائين هن ميسنگ پليٽ فارم جو حصو نه هو.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورزن ۾ وائس ميسج ٽرانسڪرپشن نالي فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.فيچر جي نالي اشارو ملي ٿو ته هاڻي وائس پيغام کي لکت جي صورت ۾ پڙهڻ ممڪن هوندو. اِهو فيچر ان کان اڳ مئي 2023 ۾ آءِ او ايس ڊيوائسز جي بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو جيڪو هاڻ اينڊرائيڊ واهيپدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.هي فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو جيڪي ٻڌڻ جي سگهه کان محروم هوندا آهن يا کين ٻڌڻ ۾ ڏکيائي جو منهن ڏسڻو پوندو.جيڪڏهن اوهان وٽ وقت نه هجي ۽ وائس پيغام جو مواد ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ان صورت ۾ به هي فيچر مددگارثابت ٿي سگهي ٿو.رپورٽ موجب، اِهو فيچر فلحال محدود بيٽا ورزن واهپيدارن کي دستياب آهي ۽ هوريان هوريان اِهو سمورن واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.رپورٽ ۾ رپورٽ ۾ فيچر جو هڪ اسڪرين شاٽ پڻ ڏنو ويو آهي جنهن مان اشارو ملي ٿو ته وائس ميسجز کي انگلش، هسپانوي، پرتگالي( برازيل )، روسي ۽ هندي ٻولين ۾ بدلائي سگهجي ٿو. ويجهي مستقبل ۾ فيچر لاءِ وڌيڪ ٻولين کي سپورٽ به فراهم ڪري سگهجي ٿو. جڏهن اوهان وائس ميسج ٽرانسڪرپٽ ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻولي جي چونڊ ڪندئو ته واٽس ايپ ۾ اضافي ڊيٽا پئڪيج ڊائون لوڊ ٿيندو ته جيئن اوهان جي پرائيويسي جو تحفظ يقيني ٿي سگهي.سمورن وائس پيغامن جو ٽيڪسٽ ڊيوائس جي اندر ٽرانسڪرپٽ ٿيندو يعني ڪنٽرول اوهان وٽ هوندو ۽ ڪو ٻيو ان تائين پهچ حاصل نه ڪري سگهندو.جيئن مٿي لکي چڪا آهيون ته هي فيچر فلحال بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويندو پر اميد آهي ته تمام جلد سمورا واهپيدارن ان فيچر مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو