راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.احتساب عدالت جي جج محمد علي وڑائچ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.ريفرنس جو شاهد خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ هو جنهن عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو باني ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي عدالتي ڪمري ۾ موجود هئي.اڄ ٻڌڻي دوران هڪ شاهد تي جرح مڪمل ڪئي وئي جڏهن ته هڪ شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو.احتساب عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 13 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










