5 جولاءِ تي پيٽرول پمپ بند رکڻ جو اعلان

5 جولاءِ تي پيٽرول پمپ بند رکڻ جو اعلان

اسلام آباد )بيورو رپورٽ)پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو آهي ته 5 جولاءِ تي پيٽرول پمپ بند ڪنداسين.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالسميع خان چيو ته دنيا ۾ اهڙو ڪو به طريقو ناهي جنهن ۾ پمپ خساري ۾ هلي سگهن، ڊبل ٽيڪسيشن دنيا ۾ ڪٿي به ناهي.هن چيو ته اڄ اسان ناڻي واري وزير سان هڪ اهم معاملي تي ملاقات ڪئي، اسان کان ايڊوانس ٽيڪس جي نالي تي 0.5 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، اسان جو مارجن اڳ ئي گهٽ آهي، جنهن سبب اسان پريشان آهيون.عبدالسميع خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو ٽيڪس لڳايو ويو ته اسان جا پمپ بند ٿي ويندا، اسان ناڻي واري وزارت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان سان ٻين شعبن وانگر ڊيل نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن اسان جو ڪاروبار ختم ٿيو ته سخت ايڪشن وٺنداسين

پهنجو تبصرو موڪليو