پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور جي جڊيشل مئجسٽريٽ چونڊن کان اڳ ريلي ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ جي 140 ڪارڪنن کي بري ڪري ڇڏيو.جڊيشل مئجسٽريٽ سلمان نادر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.سلمان نادر ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو.حڪم ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن ريلي ڪڍي رنگ روڊ بلاڪ ڪيو، جوابدارن کي موقعي تي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ نه ئي سندن خلاف ڪو ثبوت مليو.عدالت حڪم ۾ چيو ته روڊ بند ٿيڻ خلاف مقامي ماڻهن به پوليس کي شڪايت نه ڪئي، رڪارڊ موجب احتجاج دوران ڪا به باهه نه لڳي.حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رڪارڊ مان ظاهر ٿئي ٿو ته جوابدار پرامن مظاهرو ڪري رهيا هئا.










