ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽربينڪ واپار ۾ اڄ آمريڪي ڊالر 5 پئسا گهٽجي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 پئسا سستا ٿيڻ بعد 278 رپيا 35 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 40 پئسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 600 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 876 تي پهچي ويو آهي.ڪاروبار دوران انڊيڪس 78 هزار 978 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.ڪالهه واپار جي اختتام تي، انڊيڪس 78,275 پوائنٽن تي بند ڪيو ويو.










