اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي آفيس ڊي سيل نه ڪرڻ تي سي ڊي اي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جو وڪيل شعيب شاهين عدالت ۾ پيش ٿيو.ٻڌڻي دوران جسٽس ثانوي رفعت امتياز چيو ته درخواست تي ايندڙ هفتي ٻڌڻي ڪنداسين.










