اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فوجي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته آئين مطابق فوج چونڊيل جمهوري حڪومت سان تعاون ڪري رهي آهي. فوج هڪ قومي ۽ غير جانبدار ادارو آهي. اهڙو اظهار هن اي آر واءِ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان هڪ تجربيڪار سياستدان آهي ۽ کيس خبر هوندي آهي ته هو ڇا چئي رهيو آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ته هن کان پڇو ته هو ڪهڙي اداري جي ڳالهه ٿو ڪري، اليڪشن ڪميشن هي، عدليه جي يا جيئن اوهان چئو ٿا ته فوج جي، جيڪڏهن فوج جي ڳالهه آهي ته اپوزيشن جي سمجهڻ جي ڳالهه آهي ته فوج هڪ غيرجانبدار ادارو آهي. هن چيو ته فوج ڪنهن خاص جماعت نه پر آئيني طريقي سان چونڊيل حڪومت جي مدد ڪري پئي. جيستائين چونڊن ۾ فوج جي ملوث ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته چونڊن ۾ فوج پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري پوري ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته چونڊن کي هڪ سال ٿي ويو آهي هاڻي به جيڪڏهن هنن کي ڪا شڪايت آهي ته اهو سندن آئيني حق آهي هو واسطيدار ادارن سان رابطو ڪن، سڙڪن تي ويهي فوج تي الزام بازي سان مسئلو حل نه ٿيندو. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل 20 سالن ۾ فوج ۽ عوام دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي اسين جاني ۽ مالي قرباني ڏني ملڪ ۾ امن قائم ڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي به ڪنٽرول لائن تي ڇڪتاڻ آهي اسانجا جوان ۽ بيگناهه شهري قرباني ڏئي رهيا آهن. والاريل ڪشمير ۾ ڪيڏو وڏو ظلم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ لک فوج اوڀارين سرحد تي آهي ٻه لک فوج اولهائين سرحد تي آهي جتي حالتون بهتر ٿين پيون، اسانجي قبائلي ۽ ڪي پي جي عوام وڏي مصيبت برداشت ڪئي آهي هاڻي اتي تعليم صحت ۽ بحالي جو ڪم جاري آهي. هن ٻڌايو ته ردالفساد آپريشن پوري ملڪ ۾ جاري آهي ۽ انٽيليجنس بنياد تي دائمي امن جي قيام لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. فوجي ترجمان چيو ته هنن حالتن ۾ ملڪ ۾ انتشار سان خرابي پيدا ٿيندي، جنهن کي به جيڪو مسئلو آهي آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهندي حل ڪن، جيئن ملڪي استحڪام کي بهتر ڪري سگهجي. هن صلاح ڏيندي چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن جون ڪميٽيون ٺهيل آهن هو ڳالهين ذريعي قانون موجب معاملو طئي ڪن. حالتون خراب ٿيڻ جي صورت ۾ فوج ڇا ڪندي واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪو فيصلو حڪومت ڪندي آئين ۽ قانون جي حدن ۾ رهندي فوج ان تي عمل ڪندي. هوڏانهن حڪومتي مذاڪراتي ڪميٽي جي ميمبر ۽ وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته مولانا جي ٻن ڏينهن واري مهلت دوران ساڻس حڪومت ڳالهيون نه ڪندي. هن چيو ته وزيراعظم جي استعيفيٰ واري سوال تي ڳالهيون ممڪن ناهن.ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي احسن اقبال ۽ پيپلز پارٽي جي فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته هنن مولانا تي اڳ ۾ ئي واضح ڪيو هو ته هو جلسي ۾ شريڪ ٿيندا ڌرڻي ۾ شرڪت نه ڪندا. فرحت الله بابر چيو ته وڌيڪ حتمي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي. مولانا فوجي ترجان جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته هن اهو بيان ڏئي فوج کي جانبدار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو هن کي نه ڪرڻ گهرجي ها.










