ملڪ ۾ 3 هزار پيٽرول پمپ هلي رهيا آهن: اوگرا

ملڪ ۾ 3 هزار پيٽرول پمپ هلي رهيا آهن: اوگرا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي چيئرمين مسرور خان چيو آهي ته ملڪ ۾ 3 هزار پيٽرول پمپ اسٽيشنز هلندڙ آهن.اسلام آباد ۾ آئل اينڊ گيس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيئرمين اوگرا مسرور خان چيو ته ڊبا پيٽرول پمپن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.چيئرمين اوگرا چيو ته اوگرا جو گيس ٽيرف تمام ماهر انداز سان طئي ڪيو ويو آهي، وائيٽ آئل پائيپ لائين جو استعمال رڳو 40 سيڪڙو آهي.هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان ۾ ايل پي جي جي استعمال ۾ وڏي پئماني تي واڌ جو امڪان آهي، هن وقت ملڪ جي انرجي مڪس ۾ ايل پي جي جو حصو 1.3 سيڪڙو آهي.هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ انرجي مڪس ۾ ايل پي جي جو حصو 5 سيڪڙو کان وڌي ويندو.هن اهو به چيو ته ايل پي جي اسٽوريج، ٽرانسپورٽيشن ۽ معياري سلينڊرن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع گنجائش موجود آهن، ملڪ ۾ 200 ڪلو ڪمرشل سلينڊر متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو