انڊس هاءِ وي تي حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا فوت

انڊس هاءِ وي تي حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا فوت

دادو(ادل مهيسر) انڊس هاءِ وي تي مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار مڱڻهار برادري جي هڪ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي کان لاڙڪاڻو ويندڙ  JC 0045مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾  هڪ ڄڻو سڌير پٽ غلام شبير مڱڻهار موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ عورت مسمات امام زادي ۽ سندس مڙس محمد شمن مڱڻھار سخت زخمي ٿي پيا جن کي موٽروي پوليس علاج لاءِ سول اسپتال دادو آندو، زخمين ۽ فوتين جي وارثي نه ٿيڻ سبب زخمي عورت امام زادي ۽ سندس مڙس هڪ ڪلاڪ تائين تڙپندا رهيا. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرن پاران ڳڻتي جوڳي حالت سبب زخمين جو وڌيڪ علاج ڪرڻ بدران مالڪن جو انتظار ڪندا رهيا جنهن بعد زخمي عورت امام زادي ۽ سندس مڙس تڙپي تڙپي دم ڏنو. بي سيڪشن پوليس فوتين جي وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد فوتين جا وارث اسپتال پهچي ويا. بي سيڪشن پوليس مطابق مسافر ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ڪوچ جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. حادثي جو شڪار ٿيل فوتين جو تعلق جوهي شھر سان ٻڌايو پيو وڃي جيڪي جوهي شهر مان دادو اچي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو