گوادر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 7 مزدور قتل

گوادر ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 7 مزدور قتل

گوادر(ويب ڊيسڪ)گوادر جي علائقي سربندر ۾ خميس ڏينهن اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 7 مزدور مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. واقعو فش هاربر جيٽي ويجهو پيش آيو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مارجي ويلن جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ اهي سربندر ۾ حجام جي دڪان تي ڪم ڪندا هئا. سندن تعلق پنجاب جي علائقي خانيوال سان آهي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي گوادر ۾ مزدورن جي قتل جي مذمت ڪندي ان کي کليل دهشتگردي قرار ڏنو آهي. هن انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته انهن جي خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. بگٽي چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو تعاقب ڪنداسين، پاڪستان ۾ انهن لاءِ ڪو به نرم گوشو يا جاءِ ناهي. ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي مذمت ڪندي ڏکايل خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته دهشتگردن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو