اسلام آباد (اياز مهر) آزادي مارچ جا قافلا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا، عوامي نيشنل پارٽي جو اڳواڻ اسفند يار ولي ڪارڪنن سميت پهچي ويو. هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رهبر ڪميٽي جو فيصلو هو ته 31 مارچ تي اسلام آباد پهچنداسين ۽ جلسو به ٿيندو. مونکي خبر ناهي ته ان ۾ تبديلي ٿي آهي، اسين پنهنجي فيصلي موجب اچي ويا آهيون.

مولانا جو قافلو به اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ٿي ويو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن مريم اورنگزيب ۽ احسن اقبال چيو آهي ته تيزگام سانحي سبب جلسو سڀاڻي جمعي نماز بعد ٿيندو، هنن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ موجود رهن. مولانا جو چوڻ آهي ته جلسو ملتوي ناهي ٿيو فيصلو اسلام آباد پهچڻ بعد ٿيندو. دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته معاهدي جي خلاف ورزي ٿي ته حڪومت ذميوار نه هوندي. مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته قافلا پهچڻ ۾ دير ٿي وئي آهي ان ڪري رات دير تائين پهچندا ان ڪري جلسو سڀاڻي جمعي بعد ٿيندو. جمعي جي نماز مولانا فضل الرحمان پڙهائيندو.

هوڏانهن مولانا فضل الرحمان ٻڌايو ته سندن هڪ ڪارڪن جنهن جو تعلق سنڌ سان آهي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي جنهنن جو ميت واپس روانو ڪيو ويو آهي. هن سندس مغفرت جي دعا ڪرائي جنهن ۾ نواز شريف جي صحتيابي جي دعا به ڪرائي وئي. هن تيزگام سانحي جي فوتين جي مغفرت جي دعا به ڪرائي ۽ مطالبو ڪيو ته اها جاچ ٿيڻ گهرجي ته تيزگام وارو حادثو آهي يا دهشتگردي. آزادي مارچ اربع تي شام جو لاهور مان روانو ٿيو هو گجرانوالا ۾ سندن ڀرپور استقبال ڪيو ويو ۽ قافلو خميس تي گجر خان پهتو هو.

آزادي مارچ جو چوٿو ڏينهن، اربع
لاهور ۽ آس پاس جي شهرن مان مسلم ليگ (ن) جا به هزارين ڪارڪن نواز شريف جون تصويرون ۽ جهنڊاکڻي آزادي مارچ ۾ شامل ٿي ويا . هن مهل تائين جميعت کانسواءِ ڪنهن به اپوزيشن پارٽي جي وڌ وڌ ۾ شرڪت جو ثبوت مسلم ليگين جا هجوم آهن. ڪراچي ۽ سکر، ملتان، ساهيوال، اوڪاڙا ۾ به مختلف سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي پر لاهور ۾ ليگي ڪارڪن تمام وڏي انگ ۾ شريڪ آهن. مولانا فضل الرحمان جلسي کي خطاب ۾ حڪومت خلاف ساڳيون ڳالهيون ورجايون ۽ چيو ته عمران خان ڪشمير فروش آهي هن سودو ڪري ڇڏيو آهي. هن نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي پاران حمايت تي سندن ٿورو مڇيو ۽ چيو ته نواز شريف بيمار آهي پر جوان مردي سان مقابلو ڪري پيو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته نواز شريف سان ملاقات جي ڪوشش ڪيم پر ڊاڪٽرن اجازت نه ڏني.

ڪراچي کان لاهور تائين آزادي مارچ جو سفر
جيڪي “ مڪ گيا تيرا شو نيازي گو نيازي گو نيازي” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا آهن. اهو سوال اهم آهي ته مسلم ليگ جا لاهور جا ڪارڪن ڪيتري انگ ۾ اسلام آباد لاءِ روانا ٿين ٿا. مولانا فضل الرحمان جي اڳواڻي ۾ قافلي جو ساهيوال ۽ اوڪاڙا ۾ ڀرپور استقبال ٿي . مولانا جو چوڻ آهي ته سفر ڪافي ٿڪائيندڙ آهي پر ڪارڪنن جا هجوم ۽ سندن جذبو ڏسي ٿڪ لهي ٿو وڃي. ياد رهي ته آزادي مارچ جي قافلي جو لاهور پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، آتش بازي جو مظاهرو به ڪيو ويو هو. ڪارڪن مينار پاڪستن جي سبزي وار گرائونڊ ۾ پهتا جتي هنن رات گذاري ۽ صبح جو ناشتو به اتي ڪيائون، هنن سان ڇاڌي پيتي جو سامان گڏ آهي. رستي ۾ قافلي جي گاڏين کي پيٽرول نه ڏيڻ لاءِ انتظاميه پيٽرول پمپن کي هدايت ڪي هئي پر قافلو لاهور پهتو. اربع تي منجهند جو جلسو ڪيو ويو جنهن کي اپوذيشن جي سڀني جماعتن جي نمائندن خطاب ڪيو.

مارچ جي قافلي دوران ميٽرو سروس هلندي رهي ۽ ڪو به عوام جي زندگي م خلل نه پيو. مقررن آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي حڪومت کي هٽائڻ جو موقف ورجايو. جنهن بعد قافلو جي ٽي روڊ سان گجرانوالا روانو ٿيو ۽ رات راولپنڊي پهڇند و جتان خميس ڏينهن پشاورموڙ وٽ آچر بازار جي پارڪنگ واري گرائونڊ ۾ جلسو ڪيو ويندو. م

ڊرون ڪيمرا جي استعمال تي پابندي
اسلام آباد انتظاميا سيڪورٽي جو سبب ڄاڻائيندي ڊرون ڪيمرا جي استعمال تي ٻن مهينن لاءِ پابندي مڙهي ڇڏي آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قلم 144 هيٺ لاڳو ڪيل اها پابندي ٻن مهينن تائين برقرار رهندي.
حڪومت جو چتاءُ
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن آزادي مارچ وارن لکت ۾ ڪيل معاهدي جي خلاف ورزي ڪئي ته حڪومت ساڻن نمٽڻ لاءِ تيار آهي . هن خبردار ڪيو ته پرامن احتجاج سڀني جو حق آهي پر شهرين جي جان مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.










