’پيسا ڪمائڻا آهن ته ڪمايو، شهيدن کي وچ ۾ ڇو ٿا آڻيو‘

’پيسا ڪمائڻا آهن ته ڪمايو، شهيدن کي وچ ۾ ڇو ٿا آڻيو‘

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)سپريم ڪورٽ ۾ خانگي هائوسنگ سوسائٽي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي ايڇ اي وارا سڌو سنئون ڪاروبار ڪري رهيا آهن، پيسا ڪمائڻا آهن ته ڀلي ڪمايو پر شهيدن کي ته وچ ۾ نه آڻيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ بئنچ خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي زمين جي منتقلي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ڊي ايڇ اي جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏنا. ڊي ايڇ اي جي وڪيل چيو ته ڊي ايڇ اي جنگ ۾ شهيدن جي وارثن ۽ زخمين کي پلاٽ ڏئي ٿي، جسٽس عرفان سعادت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڊي ايڇ اي رڳو شهيدن لاءِ ڪم ڪري ٿي؟ ڊي ايڇ اي جي وڪيل جواب ڏنو ته پراجيڪٽ ۾ ڪمرشل پلاٽ به آهن. ڊي ايڇ اي جي وڪيل جي جواب تي چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي ايڇ اي وارا ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن پئسا ڪمائڻا آهن ته ڪمايو، شهيدن کي وچ ۾ نه آڻيو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اها راند اسان ڪيترائي ڀيرا ڏٺي آهي، هن ڪيس ۾ ٽي مکيه ڪردار آهن، پرويز مشرف، پرويز الاهي ۽ خانگي هائوسنگ سوسائٽي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هي آهن پاڪستان جا اصل مالڪ؟ وڏو وزير ڪير ٿيندو آهي زمين الاٽ ڪرڻ وارو؟ ڇا وڏي وزير کي اختيار آهي؟ ايسٽ انڊيا ڪمپني به ائين نه ڪيو هو جيئن سي ايم ڪري رهيو آهي، هي ماڻهو ڏاڍا طاقتور آهن، هنن سڀ ڪجهه خريد ڪري ورتو آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هي اهم ڪيس آهي ان جي ڪاروائي لائيو هلائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو