لاهور (ويب ڊيسڪ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ جو چوڻ آهي ته شهيدن جي توهين ۽ ٺٺولي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، اهڙن ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته ڪالهه اتر وزيرستان ۾ دهشتگردي جو واقعو ٿيو جنهن ۾ پاڪ فوج جا جوان ۽ آفيسر شهيد ٿيا پر هڪ سياسي پارٽي شهيدن جي قربانين جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي توهين آميز مهم هلائي. اهو قابل مذمت آهي.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته هڪ سياسي پارٽي اڳ به شهيدن خلاف توهين آميز رويو اختيار ڪري چڪي آهي، اهڙن اڪائونٽس جي پويان پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم آهي.هن چيو ته شهيدن سان اهڙو رويو ناقابل برداشت آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج، پوليس ۽ عوام قربانيون ڏنيون آهن، شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون.سوشل ميڊيا مهم جي پويان ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اهڙي مهم هلائڻ وارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.عطاءُ تارڙ چيو ته شهيدن جي قربانين جو مذاق اڏائڻ وارا ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن، سئو ڀيرا سياسي تنقيد ڪريو، مهرباني ڪري شهيدن خلاف ائين نه ڪريو. سرحد پار واري پاڪستان مخالف لابي به ان بزدلاڻي مهم ۾ حصو وٺي رهي آهي.










