چيف سيڪريٽري  پاران پوليو خاتمي لاءِ قائم ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو دورو

چيف سيڪريٽري پاران پوليو خاتمي لاءِ قائم ايمرجنسي آپريشن سينٽر جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه چيو آهي ته جيستائين نئين ڄاول ٻارن جي 100 سيڪڙو رجسٽريشن ۽ روٽين ايمونائيزيشن نه ٿيندي تيستائين پوليو وائرس جو خاتمو هڪ چئلينج رهندو. اها ڳالهه هن پوليو جي خاتمي لاءِ قائم ڪيل ايمرجنسي آپريشن سينٽر جي دوري دوران ڪئي. چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۾ پوليو وائرس جي خاتمي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪوآرڊينيٽر ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ ارشاد علي سوڍر، سيڪريٽري صحت سيد منصور عباس رضوي، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف، نيشنل اسٽاپ ٽرانسميشن آف پوليو (NSTOP) جي نمائندن سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پوليو وائرس جي مجموعي صورتحال ۽ ان جي روڪٿام جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي حيثيت سان سندس پهريون اجلاس پوليو جي خاتمي بابت آهي ۽ جڏهن هو ڪراچي جو ڪمشنر بڻيو هو تڏهن به سندس پهريون اجلاس پوليو وائرس جي خاتمي بابت هئو. هن چيو ته پوليو مهم سان گڏ زيرو ڊوز ٻارن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻارن کي روٽين ايمونائيزيشن ڪري سگهجي جنهن لاءِ پوليو ٽيم ۽ اي پي آءِ وچ ۾ سهڪار ضروري آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه وڌيڪ چيو ته ويڪسينيٽرن جو تعداد وڌايو ويندو ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون وينديون ته جيئن ٻارن جي موثر انداز ۾ ويڪسينيشن ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو وائرس ان وقت تائين هڪ چئلينج رهندو جيستائين نئين ڄاول ٻارن جو 100 سيڪڙو رڪارڊ حاصل نه ٿيندو. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍر ٻڌايو ته گذريل سال پاڪستان ۾ پوليو جا 6 ڪيس سامهون آيا جن ۾ سنڌ ۾ 2 ۽ خيبرپختونخواهه مان 4 ڪيس رپورٽ ٿيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو