وزيراعظم ڪابينا جي مقرري لاءِ صدر کي نالن جي سفارش ڪري ڇڏي

وزيراعظم ڪابينا جي مقرري لاءِ صدر کي نالن جي سفارش ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي مقرري لاءِ صدر آصف علي زرداري جا نالا تجويز ڪري ڇڏيا.وزيراعظم شهباز شريف 19 ميمبرن کي وفاقي وزير بڻائڻ جي تجويز ڏني آهي.شهباز شريف طرفان صدر ڏانهن موڪليل تجويز ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف، احسن اقبال، راڻا تنوير، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين ۽ عبدالعليم خان کي وفاقي وزير بڻايو وڃي.وزيراعظم جي سمري ۾ ڄام ڪمال، امير مقام، اويس لغاري، عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر شيخ ۽ رياض پيرزاده کي به وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ان کان علاوه شهباز شريف احد چيما، محمد اورنگزيب، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ ۽ محسن نقوي کي به وفاقي ڪابينا جو حصو بڻائڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به شازا فاطمه کي مملڪتي وزير بڻائڻ جي سمري موڪلي ڇڏي آهي. پاڪستان جو صدر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو