ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجينئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي عملدرآمد ڪندي تي ڪلب روڊ مووين پِڪ هوٽل جي سامهون واٽر ڪارپوريشن جي متاثر ٿيل سيوريج لائين جي مرمت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو، ترجمان واٽر ڪارپوريشن موجب سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان گذريل رات متاثر لائين جو دورو ڪري مرمتي ڪم هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪيون ھيون، ان سلسلي ۾ چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو پنهنجي نگراني ۾ مرمتي ڪم مڪمل ڪرايو، واضح رهي تہ گذريل رات ڪلب روڊ مووين پِڪ هوٽل جي سامهون سيوريج جي 66 انچ ٽرنڪ لائين ڌٻجي ويئي هئي.










