سڪرنڊ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

سڪرنڊ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

سڪرنڊ: (ن س) ڳوٺ ماڙي سابقي ۾ پلاٽ جي تڪرار تان سابقي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا قتل جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.قتل ٿي ويلن ۾ وسيم سابقي ۽ محمد عرس سابقي شامل آهن. جڏهن ته ٻه ڄڻا محمد مٺل سابقي ۽ محمد علي سخت زخمي ٿي پيا زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين ايمبولنس ذريعي پي ايم يو اسپتال نوابشاھ منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي ماڙي جلباڻي پوليس قتل ۾ ملوث جوابدار محمد جمن سابقي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته فوتين جو پوسٽ ماٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا آهن جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو. پوليس موجب زخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته واقعو زمين جي مالڪي تان پيش آيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو