اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ عطاءُ تارڙ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سڀاڻي تائين ڪابينا جا نالا فائنل ٿي ويندا.اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عطا تارڙ چيو ته صدارتي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي ووٽ ڏيندو، ان سان معاملا طئي ٿي ويا آهن.هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ ڪابينا جا نالا فائنل ڪيا ويندا.واضح رهي ته مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف به وزيراعظم شهباز شريف کي جلد ڪابينا جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.










