لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو موجوده چيئرمين محسن نقوي حڪمران اتحاد طرفان سينيٽ جي اليڪشن وڙهندو.ذريعن موجب محسن نقوي کي سينيٽر چونڊجڻ کانپوءِ اهم وزارت ڏني ويندي ۽ هو چيئرمين پي سي بي جو عهدو به سنڀاليندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته محسن نقوي کي سينيٽر چونڊجڻ بعد وفاقي گهرو وزير بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.










