ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس، اضافي جوابدارن جا نالا شامل

ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس، اضافي جوابدارن جا نالا شامل

سکر(ن س) نيب خوراڪ کاتي سکر ۾ ڪڻڪ ڪرپشن وارو معاملو تي نيب پ پ اڳواڻ زبردست مهر ريفرنس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙو. اڳوڻي سيڪريٽري سجاد حسين عباسي ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد بچل راهو پوٽو کي سپليمينٽري ريفرنس ۾ شامل ڪرڻ لاء احتساب عدالت سکر ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. خوراڪ کاتي سکر ۾ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جي احتساب عدالت نمبر ٽي جي جج ناصر الدين شاهه جي عدالت ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران ريفرنس ۾ شامل حاجي زبردست خان مهر. هريش مل ۽ ٻيا پيش ٿيا ان موقعي تي عدالت پ پ اڳواڻ زبردست مهر ۽ ٻين خلاف ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس بابت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ نيب احتساب عدالت ۾ سپليمينٽري ريفرنس آڻڻ لاء درخواست داخل ڪرائي وئي وڪيل زبير چاچڙ موجب نيب درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زبردست مهر ريفرنس ۾ خوراڪ کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير نثار کهڙو. اڳوڻي سيڪريٽري سجاد حسين عباسي ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد بچل راهو پوٽو کي سپليمينٽري ريفرنس ۾ شامل ڪرڻ لاء اجازت ڏني وڃي جڏهن ته عدالت نيب جي سپليمينٽري ريفرنس آڻڻ بابت درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو 13 مارچ تي ٻڌائڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته نيب سال 2019 ۾ پ پ اڳواڻ زبردست مهر. سڪندر مهر. هريش مل. موهن لعل ۽ محمد ابراهيم ٿهيم خلاف 78 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو