ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا سستو ٿيڻ بعد 279 رپيا 10 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 279 رپيا 20 پئسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار ۾ واڌ جو رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 208 پوائنٽس وڌي 63514 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 63 هزار 305 پوائنٽس تي بند ٿيو.










