اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت اسد عمر، علي نواز اعواڻ ۽ راجا خرم نواز کي لانگ مارچ ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو.جڊيشل مئجسٽريٽ شائسته ڪنڊي پي ٽي آءِ جي ٽن اڳوڻي اڳواڻن کي بري ڪري ڇڏيو.علي نواز اعواڻ ۽ راجا خرم نواز پنهنجي وڪيلن سميت اڄ عدالت ۾ پيش ٿيا.ان موقعي تي اسد عمر جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش نه ٿيو.لوهي بير ٿاڻي تي اسد عمر، علي نواز اعواڻ ۽ راجا خرم نواز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.










