مڙس ننڊ پيل زال کي ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪري فرار

مڙس ننڊ پيل زال کي ڪارنهن جو الزام ڏئي قتل ڪري فرار

خانپور (زبيرابڙو) خانپور جي ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڊرگهھ پور ۾ مڙس وحيد شھڪاڻي جتوئي  پنھنجي گھرواري 20 ورھين   جي مسمات شمع کي پنھنجي سؤٽ ڌڱاڻو جتوئي سان ڪارنھن الزام ھيٺ گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو،  اطلاع تي حد جي پوليس مقتول عورت جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاء خانپور اسپتال کڻائي آئي اسپتال ۾ مقتول عورت سان گڏ آيل سندس ناني مسمات ارباب صحافين کي ٻڌايو ته ننڊ پيل زال کي گهٽا ڏئي ناحق ماريو اٿس. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم بعد سرڪار جي مدعيت ھيٺ ڪارنھن ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو