لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙ ڪردارن کي بي نقاب ڪري احتساب ٿيڻ گهرجي.ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن لکيو ته ملڪ کي افراتفري کان بچائڻ ۽ هن جمهوري نظام تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي ڌانڌلي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ان کي بي نقاب ۽ احتساب ٿيڻو پوندو.ميان جاويد لطيف وڌيڪ لکيو ته اهو ملڪ ۽ نظام جي بقا لاءِ تمام ضروري آهي.










