نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سبب 2 سڳا ڀائر فوت

نامعلوم گاڏي جي ٽڪر سبب 2 سڳا ڀائر فوت

فيض گنج/ ڪوٽ لالو(نمائندن وٽان) محمد شاه اسٽاپ وٽ مهراڻ نشينل هاءِ وي روڊ تي تيز رفتار نامعلوم گاڏي جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ٻه سڳا ڀائر 50 سال فوجي غلام حيدر شر 35 سال گل شير شر ٿڏي تي فوت ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي حادثي واري جاءِ تي پوليس ۽ وارث پهچي فوتين کي پڪاچانگ اسپتال آندو ۽ قانوني ڪاروائي کانپواءِ وارث فوتين جا لاشن کي اڪري ڀرسان ڳوٺ امان الله شر کڻائي ويا فوتين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جڏهن ته نامعلوم گاڏي جو ڪو به پتو پئجي نه سگهيو نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو