ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم کي ڪابينه ۾ 6 وزارتون ڏيڻ جي آڇ

ن ليگ پاران ايم ڪيو ايم کي ڪابينه ۾ 6 وزارتون ڏيڻ جي آڇ

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) طرفان حڪومت سازي لاءِ متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) کي 6 وزارتون ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب(ن) ليگ اتحادي حڪومت ٺاهڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم کي وفاقي ڪابينه ۾ 6 وزارتون ڏيڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. اهڙين وزارتن ۾ چار وفاقي وزير، هڪ مملڪتي وزير ۽ هڪ صلاحڪار شامل آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته آڇ ڪيل وزارتن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي(آءِ ٽي) اوورسيسز پاڪستاني، پورٽ اينڊ شپنگ ۽ صحت کان علاوه ٻيون وزارتون به شامل آهن.ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جي دعوت تي ايم ڪيو ايم وفاق ۾ اتحاد ڪرڻ لاءِ هٿ وڌائڻ جو راضپو ظاهر ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي جون 17 سيٽون کٽي ٽئين وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو