لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي جي مقرري واري ڪيس ۾ چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهرام سرور اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته پرنسپل سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن پرويز الاهي جي وڏي وزير ٿيڻ کان اڳ جاري ڪيو ويو، پرنسپل سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن چيف سيڪريٽري پنجاب جاري ڪيو، چيف سيڪريٽري کي ڪيس ۾ ڌر نه بڻايو ويو.وڪيلن چيو ته جڊيشل مئجسٽريٽ پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي کي ڪيس مان بري ڪيو، اهو ڪيس سياسي بنيادن تي قائم آهي، تنهن ڪري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي










