قطر پاران جديد غلامي“ڪفيل” وارو نظام پهرين جنوري کان ختم

دوحه(ويب ديسڪ) قطر جي محنت واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته غير ملڪي ليبر لاءِ اسپانسرشپ وارو نظام يعني ”ڪفيل“ جي نظام کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قطر جي محنت واري وزير يوسف محمد العثمان فخرو چيو آهي ته انهن جو ملڪ سن 2022 کان گهٽ ۾ گھٽ معاوضي جو نظام به شروع ڪندو. واضع رهي ته ڪفيل سسٽم هيٺ غير ملڪي ڪارڪنن کي ملازمت ڏيندڙ جي اڳواٽ اجازت کان بغير ملڪ ڇڏڻ يا ڪم تبديل ڪرڻ جي اجازت نه آهي ۽ ڪارڪنن جي حقن جي تحفظ ڪرڻ واري بين الاقوامي تنظيمون ڪفيل جي نظام تي تنقيد ڪنديون رهيون آهن. بين الاقوامي ليبر آرگنائيزيشن (آئي ايل او) جي ڊائريڪٽر  اسپانشرشپ جي ان نظام کي “جديد غلامي” جي طور تي بيان ڪندي قطر جي فيصلي جي ڀليڪار ڪئي آهي. واضع رهي ته قطر سن 2022 ۾ منعقد ٿيڻ واري فٽبال جي عالمي ڪپ جي ميزباني کٽڻ کانپوءِ ملڪ جي ليبر قانونن ۾ سڌارا آڻڻ جو سلسلو شروع ڪندي وڏي پيئماني تي تعميراتي منصوبه شروع ڪيا آهن، جنهن جي لاءِ غير ملڪي مزدورن کي وڏي تعداد ۾ قطر گهرائڻ جي ضرورت آهي. ياد رهي ته انساني حقن واري عالمي تنظيمن مزدورن جي حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي اسپانسرشپ سسٽم تي مسلسل تنقيد ڪنديون رهيون آهن. قطر جي حڪومت گذريل سال ڪافي شعبن ۾ آجر جي اجازت کان بغير غير ملڪي ڪارڪنن تي ملڪ ڇڏڻ تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي پر هاڻي هن اسپانسرشپ سسٽم کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان پابندي ۾ گهريلو ملازمن، سرڪاري ملازمن ۽ سرڪاري ملازمن ۽ ملڪ توڙي قومي ايئر لائين ”قطر ايئر ويز “ به شامل آهن. قطر جي محنت واري وزير يوسف محمد العثمان فخرو چيو آهي ته ڪابينه گهٽ ۾ گهٽ اجرت طئه ڪرڻ ۽ ڪارڪنن کي هڪ ملازمت کان ٻئي ملازمت جي تبديلي جي سهولت فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي. هن جو چوڻ هو ته انهن قدم جو مقصد قطر کي غير ملڪي سرمائيداري ۽ پيشيورانه مهارتون ۽ قابليت جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻو آهي.  خابرو اداري رائيٽرز جي مطابق انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن اميد ظاهر ڪئي آهي ته نئون قانون جنوري 2020 کان نافذ ٿي ويندا.جنهن بعد گلف ۾ ڪفيل جو نظام ختم ڪرڻ وارو قطر پهريون ملڪ بڻجي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو