مدئجي( نويد احمد دل) ايران کان ايندڙ زائرين 20 ڏينھن کان تفتان بارڊر تي ڦاٿل، ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ بخشو اڄڻ جي ڳوٺاڻن زوار جمن ميراڻي، زوار وسيم اڄڻ، زوار فرمان اڄڻ، سيد پرويز شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ کان مدئجي بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو ، اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جا ماڻھون ايران،عراق زيارتن تي ويا ھيا جيڪي 20 ڏينھن کان فاٿل آھن پر پاڪستان حڪومت جي نااھلي سبب ھن مھل تائين عورتون توڙي مرد سميت معصوم ٻارڙا پڻ بک ۽ اڃ تي فاٿل آھن، احتجاج ڪندڙن وزيراعظم عمران خان سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته فاٿل ماڻھن کي آزاد ڪرائي پنھجي ڳوٺن ڏانھن موڪلي ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪرائي وڃي، نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو جنھن جي ذميواري پاڪستان حڪومت تي ھوندي..










