عمران خان جون سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد سان ملاقاتون

رياض(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۽ ايران ۾ چوٽ ڇڙهيل ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ ۽ ڌرين ۾ ڳالهيون شروع ڪرائڻ لاءِ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي ويو آهي. هن سعودي جي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقاتون ڪري آچر تي ايران جي دوري وقت سندن قيادت سان ٿيل ڳالهه ٻولهه بابت کين آگاهه ڪيو ۽ سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ بابت روڊ ميپ طئي ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن تي صلاح مشورا ڪيا.

هن سان پرڏيهي کاتي جو وفاقي وزير شاهه محمود قريشي ۽ سيڪريٽري خارجه گڏ آهن. عمران خان ايراني قيادت سان ڳالهين بعد چيو هو ته پاڪستان کي ٻنهي برادر اسلامي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ بابت ڳڻتي آهي ۽ هو چاهي ٿو ته ٻنهي ۾ هو ڳالهين لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري نه ڪي ثالث جو. ياد رهي ته سعودي عرب جي تيل صاف ڪندڙ ڪاخانن تي گذريل مهيني حملا ٿيا هئا جن بابت سعودي عرب ان ۾ ايران جا هٿيار استعمال ٿيڻ جو الزام لڳايو هو. ايران ان جو انڪار ڪيو هو. جنهن بعد گذريل هفتي جده لڳ ايران جي تيل بردار جهاز تي حملو ٿيو هو ۽ ايران ان جي جاچ جو مطالبو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو