لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم ڊائريڪٽر معين خان جو چوڻ آهي ته اعظم خان جنهن ٽيم ۾ کيڏڻ چاهي هن جي مرضي،مان سمجهان ٿو ته اهي مون کي تربيت ڏيڻ کان بيزار آهي. اسان ڪوشش ڪنداسين ته اعظم کي ايندڙ سيزن ۾ ٻيهر پاڻ سان شامل ڪيو ن ..هن چيو ته شرجيل خان، عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کي وٺڻ جو ڪو پلان ناهي، سپليمنٽري ۾ نوجوان رانديگرن کي وٺڻ جو منصوبو آهي.ٽيم ڊائريڪٽر ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو چوڻ هو ته پي ايس ايل صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي، 10 سالن کانپوءِ جڏهن نيون ٽيمون اينديون ته بهتر ٿيندو.معين خان وڌيڪ چيو ته هو هن وقت ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي کٽڻ جي پلاننگ کي ڏسي رهيو آهي.










