مسلم ليگ (ن) اندر جاسوسن جي موجودگيءَ جو انڪشاف

مسلم ليگ (ن) اندر جاسوسن جي موجودگيءَ جو انڪشاف

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت چيو آهي ته ”پارٽي اندر موجود مشڪوڪ مخبر اسانجي نظر ۾ آهي، ڇو ته ڪيترو وقت اڳ ئي اها نشاندهي ٿي چڪي هئي ته پارٽي قيادت جي ويجهن حلقن ۾ ٿيندڙ ڳجهي ڳالهه ٻولهه، ايتري حد تائين جو سُس پُس واري انداز ۾ ٿيل ڳالهيون به اهڙن فردن تائين پهچي وڃن ٿيون جيڪي موجوده بحراني وقت ۾ پارٽيءَ جي سياست تي نظر رکيو ويٺا آهن“. انگريزي اخبار ”دي نيوز“ پاران شايع ڪيل تحقيقي اسٽوريءَ ۾ مسلم ليگ (ن) جي هڪ باخبر عهديدار جي حوالي کان چيو ويو آهي ته بطاهر جنهن شخص بابت سوال اٿي رهيا آهن اهو نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي گهڻو ويجهو رهندڙ شخص آهي ۽ اڪثر ڪري ان کي پارٽيءَ اندر ۽ ٻاهر پيغام پڄائڻ جو ڪم ڏنو ويندو آهي. اهو شڪ ان وقت پيدا ٿيو جڏهن پارٽي اجلاسن دوران ”ايئر پوڊز“ جو گهڻو ۽ غيرضروري استعمال ٿيندي نظر آيو. ”ايئر پوڊز“ ٽيڪنالاجي ايپل ڪمپنيءَ پاران ٺهندڙ بليو ٽوٿس وائرليس هيڊ فون کي چيو ويندو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته انهيءَ شخص جي ايئر پوڊز ۾ جاسوسي ڊوائيس لڳل آهي ۽ اهو شڪي شخص جنهن جي ايئرپوڊز ۾ جاسوسي ڊوائيس لڳل آهي اهو ميٽنگ ۾ وڃڻ يا ڪنهن ٻي جڳهه تي وڃڻ باوجود پنهنجا ايئر پوڊز اهم پارٽي اڳواڻن ويجهو رکي ”ڀلجي“ وڃڻ جي ايڪٽنگ ڪندو آهي“. اها سازش ان وقت وڌيڪ گهري ٿي وئي جڏهن بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ انتهائي ڳجهي ڳالهه ٻولهه به ستت ئي اڻ لاڳاپيل عنصرن تائين پهچڻ لڳي.ايئرپوڊز عام طور تي فون ڪال ٻڌڻ لاءِ ان وقت استعمال ڪيا ويندا آهن جڏهن توهان جو آءِ فون پري پيل هجي يا توهان پنهنجو موبائل هٿ ۾ رکڻ نه چاهيندا هجو ۽ ايئرپوڊز کي استعمال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته فون ۽ ايئرپوڊ وچ ۾ فاصلو 5 کان 6 ميٽرن تائين هجي. اهو پرزو ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته انهيءَ دائري کان پري ٿيڻ سبب پوءِ ايئرپوڊز ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. جڏهن ته آمريڪا ۾ به اها ڳڻتي موجود آهي ته ايئرپوڊز کي جاسوسيءَ وارن مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر اهو ان وقت ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن توهان پنهنجو فون ڪنهن جي ويجهو رکي ڇڏيو ۽ ”لائيو لِسِن“ جو استعمال ڪندي ڀرسان واري ڪمري ۾ ويهي ايئرپوڊز وسيلي ڳالهه ٻولهه ٻڌندا رهو. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) واري معاملي ۾ جنهن شخص تي شڪ آهي ان وٽ اڪثر ڪري فون هوندو ئي ناهي ۽ امڪان آهي ته هو پنهنجو فون گاڏيءَ ۾ يا اهڙي هنڌ رکي ايندو آهي جيڪو ايئرپوڊز جي رينج ۾ ايندو هجي. شڪ ان ڪري به وڌي ويو جو انهيءَ شخص بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ به ايئرپوڊز پائڻ معمول ٺاهي ڇڏيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اگر ايئرپوڊز ۾ ”جاسوسي چِپِ“ لڳل هجي ته ان ۾ سرگوشين جو آواز به اچي ويندو آهي ۽ اهڙيءَ ريت ڪو ماڻهو ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تان به ڳالهه ٻولهه آسانيءَ سان ٻڌي سگهي ٿو. پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن لاءِ ڄاڻايل شڪي شخص پاران جاسوسي ڪرڻ حيران ڪندڙ ڳالهه ناهي ڇو ته پرٽي قيادت جي مخالف قوتن سان انهيءَ شخص جا لاڳاپا پراڻا آهن. مسلم ليگ (ن) جي هڪ بااثر شخصيت مسلم ليگ (ن) مٿان طاقتور رانديگرن پاران ٿيندڙ حملن تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هوندو آهي ته ڪير اسان سان گڏ آهي ۽ ڪير اسانجي خلاف آهي. پارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مشڪوڪ شخص تي اسانجي نظر آهي ۽ ان شخص جي احتساب لاءِ پارٽي قيادت مختلف شاهدين تي غور ڪري رهي آهي.  

پهنجو تبصرو موڪليو