ٽنڊوالهيار(ن س) ٽنڊوالهيار ويجهو روڊ حادثي ٻن نوجوانن کان حياتي کسي ورتي. شهر ڀرسان مگسي پارڪ سامهون ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن ۾ زور دار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي موٽر سائيڪلن تي سوار18 ورهين جو مجيب پٺاڻ ۽ 20 ورهين جو فياض کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويا. پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش پورسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال آندا، جتان پورسٽ ماٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. نوجوانن جي اوچتي موت تي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو.










