ڪراچي(دريا خان شر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 17 يونيورسٽيز جا ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪري ڇڏيا آهن. کين ٽن سالن لاءِ انهن عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري بورڊ ۽ يونيورسٽيز رضيع الدين جي هدايت تي سيڪشن آفيسر ڪمال احمد جي صحيح سان ان بات ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. جن موجب سيد زين العابدين سنڌ يونيورسٽي، طارق ڪليم ڪراچي يونيورسٽي، انيل ڪمار ٽنڊو ڄام، نثار احمد نوناري شاهه لطيف خيرپور، نديم شڪور جويري لياقت ميڊيڪل ڄامشورو، مجاهد علي شيخ ڊائو يونيورسٽي ڪراچي، فهد سلطان شيخ شهيد بينظير يونيورسٽي لاڙڪاڻو، ڊاڪٽر حاڪم مهيسر شهيد بينظير يونيورسٽي لياري ڪراچي، عبدالحفيظ صديقي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي فار وومين بينظير آباد، وقاص علي شهيد بينظير يونيورسٽي فار ٽيڪنالوجي اينڊ اسڪل ڊولپمينٽ خيرپور، آفتاب احمد خان سنڌ مدرست الاسلام ڪراچي، دين محمد يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنسز ڀٽ شاهه، منير احمد سيهڙ وٽنري يونيورسٽي سڪرنڊ، عامر بشير زيبسٽ لا يونيورسٽي ڪراچي، شيخ محمد شبير دائود يونيورسٽي ڪراچي، عادل رشيد جناح سنڌ ميديڪل يونيورسٽي ڪراچي ۾ ٽن سالن جي مدت لاءِ ڊائريڪٽر فنانس مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ ٽريزرر طور شيعب محمد شيخ کي مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هنن جي سليڪشن لکت ۾ ورتل ٽيسٽ ۽ زباني انٽرويو بعد ڪئي وئي آهي. لکت ۾ امتحان آءِ بي اي ڪراچي ورتا هئا.










