حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل لاءِ ’امتحان‘ آهي: نيتن ياهو

حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل لاءِ ’امتحان‘ آهي: نيتن ياهو

تل ايب (ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي شڪست ڏيڻ اسرائيل لاءِ ”وجود جو امتحان“ آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته حماس کي هر صورت ۾ شڪست ڏيڻي آهي ڇو ته اها اسان جي وجود جو امتحان آهي. هن ايران تي الزام مڙهيندي چيو ته ايران حماس جي حمايت ڪري ٿو ۽ مان سمجهان ٿو ته حماس جي فوجي بجيٽ جو 90 سيڪڙو ايران مان ايندو آهي، ايران حماس کي فنڊ، منظم ۽ هدايتون ڏيندو آهي.غزه ۾ پنهنجي جارحيت جو ذڪر ڪندي نيتن ياهو چيو ته غزه جي پٽي اندر جنگ ڊگهي ۽ مشڪل ٿي سگهي ٿي ڇو ته اسرائيلي فوجون 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي کان فلسطيني سرزمين تي آپريشن ڪري رهيون آهن.هن اعلان ڪيو ته جنگ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ غزه ۾ حماس خلاف زميني آپريشن دوران به 200 کان وڌيڪ يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ جون ڪوششون جاري رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو