ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ شاهدن جي تحفظ لاءِ شاهدن جي تحفظ واري ايڪٽ تي عملدرآمد نه ڪرڻ بابت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ، سنڌ جي گهرو کاتي ۽ ٻين کي 15 نومبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيشنل ايڪشن پلان 2014 ۽ 2021 موجب شاهدن جي تحفظ بابت قانون سازي ضروري آهي، گڏيل قومن جي ڪنوينشن تي صحيحن سبب پاڪستان شاهدن جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جو پابند آهي.درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته تحفظ نه هجڻ سبب عدالتن ۾ شاهد پيش نه ٿا اچن ۽ عزير بلوچ جهڙا جوابدار به بري ٿي وڃن ٿا.درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته شاهدن جي تحفظ جو بل، ايڊوائزري بورڊ ۽ پروٽيڪشن آفيسرن جي مقرري نيشنل ايڪشن پلان موجب ڪئي وڃي.درخواست ۾ گهرو وزارت، صوبائي قانون واري وزارت، آءِ جي سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي ڌر بڻايو ويو آهي.ٻڌڻي دوران عدالت آءِ جي سنڌ، سنڌ جي گهرو کاتي ۽ ٻين کي 15 نومبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










