پي ٽي آءِ جي 7 اڳوڻن ميمبرن جي 1هفتي لاءِ ضمانت منظور

پي ٽي آءِ جي 7 اڳوڻن ميمبرن جي 1هفتي لاءِ ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 7 اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن جي هڪ هفتي لاءِ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.پي ٽي آءِ جي 7 اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن خلاف ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس اشتياق ابراهيم ۽ جسٽس صاحبزاده اسد الله درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.پشاور هاءِ ڪورٽ درخواستگذارن کي لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت صوبائي حڪومت کان درخواستگذارن خلاف ڪيسن ۽ انڪوائري جا تفصيل طلب ڪري ورتا.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته درخواستگذارن خلاف داخل ڪيسن ۽ انڪوائري جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، درخواستگذارن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.عدالت چيو ته درخواستگذارن کي ڪنهن به صورت ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن عدالتي حڪمن باوجود ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو ته حڪومت کان جواب طلب ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو