آمريڪا کي ڪينيڊين وزيراعظم جي ڀارت خلاف الزامن تي سخت ڳڻتي

آمريڪا کي ڪينيڊين وزيراعظم جي ڀارت خلاف الزامن تي سخت ڳڻتي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان ايڊرين واٽسن جو چوڻ آهي ته وائيٽ هائوس کي ڪينيڊين وزيراعظم ٽروڊو جي ڀارت خلاف الزامن تي سخت ڳڻتي آهي.اها ڳالهه وائيٽ هائوس جي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي ترجمان ايڊرين واٽسسن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پنهنجي ڪينيڊين ڀائيوارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي.ترجمان ايڊريئن واٽسسن جو پڻ چوڻ آهي ته ڪئناڊا ۾ اهو ضروري آهي ته جاچ کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو