لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف نيب ترميم تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عدالت هڪ ڊڪٽيٽر جي ٺاهيل قانون کي بحال ڪيو آهي.لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين پنهنجي دور ۾ مخالفن کي اين آر او ڏيڻ لاءِ ٻيهر نيب جا قانون تبديل ڪري چڪو آهي. هن چيو ته جڏهن عمران خان صدارتي حڪم نامي ذريعي پنهنجن ساٿين کي اين آر او ڏيڻ جي لاءِ نيب قانون تبديل ڪيا هئا ان وقت بنديال ڪٿي هو؟ ان وقت هن اهڙي طرح ڇو ايڪٽ نه ڪيو هو؟ آرڊيننس ته چئن مهينن جي لاءِ هو ۽ عمران خان جي اسپانسرز ان مان فائدو کنيو هو، اهو نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي زنده مثال هئي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته (ن) ليگ جي قانوني ٽيم نوازشريف کي پاڪستان واپسي لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي آهي ان جي ملڪ واپسي جي رستي ۾ هاڻ ڪابه پريشاني نه آهي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نوازشريف پنهنجي ڪيسن ۾ نيب ترميم جو سهارو نه ورتو هو. هو 21 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچي ويندو.










