عمران خان جي جهاز به ”يو ٽرن“ ورتو!

نيويارڪ (ڊيسڪ نيوز) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ واري اجلاس ۾ شرڪت خاطر وزيراعظم عمران خان سعودي عرب کان نيويارڪ پهتو. سعودي عرب ۾ قيام دوران وزيراعظم عمرو ادا ڪرڻ کان علاوه سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي. جنهن بعد شهزادي محمد بن سلمان طرفان وزيراعظم عمران خان کي نيويارڪ وڃڻ لاءِ سعودي حڪومت جو خصوصي جهاز ڏنو ويو. جنهن ۾ سوار ٿي پاڪستان جو وزيراعظم نيويارڪ پهتو ۽ روزويلٽ هوٽل ۾ قيام ڪيو. جڏهن ته سعودي حڪومت جو جهاز 06 ڏينهن نيويارڪ ايئرپورٽ تي بيٺل رهيو. سمورين مصروفتين کي پورو ڪرڻ بعد وزيراعظم عمران خان انهيءَ جهاز وسيلي جڏهن واپس سعودي عرب کان ٿيندي ملڪ اچڻ جو سفر شروع ڪيو ته جهاز ۾ اڍائي ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ ”فني خرابي“ پيدا ٿيڻ جي ڳالهه ٿي. ان وقت جهاز ڪيناڊا ۽ آمريڪا جا علائقا گذري ايٽلانٽڪ سمنڊ مٿان اڏامي رهيو هو ۽ ان کي يورپ مٿان لنگهڻو هو. فني خرابيءَ بعد جهاز کي ڪنهن ويجهي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪرائي ٺيڪ ڪرائڻ بجاءِ ”يو ٽرن“ وٺرائي واپس اڍائي ڪلاڪ اڏاري نيويارڪ آندو ويو. ”جيو نيوز“ جي ويب سائيٽ تي انهيءَ معاملي بابت تفصيل ڏيندي ڪيترائي سوال اٿاريا ويا آهن ته جهاز جي فني خرابيءَ واري معاملي تي نيويارڪ ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستاني سفارتخاني، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مشن يا وزيراعظم سان گڏ موجود اطلاعاتي عملي پاران ڪا وضاحت يا چِٽائي ڇو جاري نه ڪئي وئي؟ جهاز جي ڪنهن ويجهي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڇو نه ڪرائي وئي؟ ۽ يو ٽرن وٺرائي اڍائي ڪلاڪ اڏام ڪهڙيءَ ريت ڪئي وئي ڇو جو جهاز جو نيويگيشن سسٽم خراب ٿي چڪو هيو؟ جيو نيوز ويب سائيٽ تي اهو به لکيو ويو آهي ته جتي جهاز ۾ فني خرابي ٿي اتان اڍائي ڪلاڪ اڳتي سفر ڪجي ها ته يورپ شروع ٿي چڪو هجي ها ۽ اتي لينڊنگ مناسب ٿي سگهي ها. اهڙين ڳالهين جا جواب موجود نه هجڻ ڪري ڀارتي ميڊيا ان معاملي کي سازشي انداز سان پيش ڪري رهي آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جون مخالف سياسي پارٽيون به آمريڪا ۾ ڪيترن انومانن کي هٿي وٺرائي رهيون آهن.    

پهنجو تبصرو موڪليو