اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو.مئجسٽريٽ احتشام عالم شاهه محمود جي گرفتاري جو لکت ۾ حڪم جاري ڪندي کيس سومر تي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ذريعن موجب ان کان اڳ ايف آءِ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر لا عدالت شاهه محمود قريشي جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي.ايف آءِ اي شاهه محمود قريشي کي حراست ۾ وٺي عدالت روانو ٿي ويو جڏهن ته مئجسٽريٽ احتشام عالم ان حوالي سان آرڊر لکي رهيو هو.ايف آءِ اي جي ٽيم شاهه محمود قريشي کي ضلعي عدالت وٺي وئي جتي هنن عدالت ۾ شيرين مزاري سان ملاقات به ڪئي.ان موقعي تي اڻڄاتل وڪيلن ۽ صحافين کي سائفر ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت جي ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو ويو.










