ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نامياري ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا هندي واري لال ڪتاب جي آڌار تي پيشنگوئي ڪئي آهي ته، ش، س، ص، گ ۽ غ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن لاءِ خراب وقت شروع ٿي ويو آهي. مٿي ڄاڻايل الفابيٽ يعني حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن جي خانن ۾ 18 اگست کان 4 نومبر تائين نحس ستارو زحل موجود رهندو. جنهن سب اندروني، بيروني مخالفتون ، ڇڪتاڻ، بحث ۽ تڪرار، خرچ ۾ اضافو ٿيڻ سبب شخصي طور ڊسٽرب رهڻ جو امڪان آهي. انهن نالن وارن کي ڄاڻايل عرصي دوران صبر ۽ ڪمپرومائيز کان وٺڻ گهرجي. ڇنڇر واري ڏينهن ڪاري شئي جو دان ڪرڻ گهرجي.










