باجوڙ ۾ فورسز جو آپريشن،4 دهشتگرد مارجي ويا، سپاهي شهيد

باجوڙ ۾ فورسز جو آپريشن،4 دهشتگرد مارجي ويا، سپاهي شهيد

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز پاران باجوڙ ۾ آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز باجوڙ جي علائقي چارمنگ ۾ 12 ۽ 13 آگسٽ جي رات دهشتگردن جي ڳجهي موجودگي واري اطلاع تي آپريشن ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي وارين ڪاررواين ۾ ملوث هئا. دهشتگرد بي گناهه شهرين جي قتل ۽ خودڪش ڌماڪن ۾ به سرگرم هئا. دهشتگردن وٽان خودڪش جيڪٽ سميت هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 24 ورهين جو سپاهي محمد شعيب به شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. پاڪ فوج پاڪستان مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو