ٽنڊومحمدخان (ويب ڊيسڪ)ٽنڊومحمدخان جي ڊگھ موري جي ڳوٺاڻن جو گهرن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري 2 ڄڻن کي زخمي ڪري گهرن ۾ موجود سمورو قيمتي سامان روڪ رقم ڦر ڪرڻ واري عمل خلاف جمون لغاري , رياض لغاري , گلشير لغاري محمد صالح لغاري جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٽنڊومحمدخان آڏو احتجاجي مظاهرو بااثر هاليپوٽا برادري خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو آهي ته گذريل ڪجھ ڏينهن پهرين هاليپوٽا برادري جي بااثر خير محمد هاليپوٽو , اشفاق هاليپوٽو ,علي محمد هاليپوٽو , نور احمد هاليپوٽو پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏ اسان جي ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ لاء حملو ڪري اسان جي 2 نوجوانن گلشير لغاري ۽ ساجن لغاري کي سخت تشدد ڪري زخمي ڪري گهرن مان 3 لک روڪ رقم گهرن ۽ ٻيو سامان کڻي گهرن کي مسمارڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته اسان مسڪين غريب ماڻهون آهيون هو بااثر آهن جيڪي هر روز اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا اسان جي ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آهي اسان ڳوٺاڻن جي حياتين جو خطرو بڻجي ويو آهي اسان مسڪين ماڻهون پنهنجا گهر ڇڏي ٻڇا وٺي ڪيڏانهن وڃيون هنن چيف جسٽس آف پاڪستان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدر آباد ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سميت اعلي اختيارن کان انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي آهي










