اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. خيبرپختونخواهه جي علائقن سوات، مانسهرا، بٽگرام، ملاڪنڊ، تورغر ۽ ۽ ويجهن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.4 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.ان کانسواءِ بونير ۽ اپر هزارا ڊويزن ۾ به زلزلي جي لوڏن سبب شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ ڪلمي جو ورد ڪندا گھرن کان ٻاهر نڪري آيا. زلزلي جي نتيجي ۾ ملڪيتن کي ڪو به نقصان ناهي پهتو ۽ ئي ڪنهن جان نقصان جا اطلاع آهن.










