ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان پوليس جي 100 سالن کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ آءِ جي پوليس بلوچستان جي آفيس ۾ عجائب گهر قائم ڪيو ويو آهي، 1870 کا وٺي 2001 تائين بلوچستان پوليس جي تاريخ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. تاريخي اعتبار سان بلوچستان پوليس جي وڏي اهميت آهي، هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تي ٻڌل تاريخ کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ آءِ جي بلوچستان جي آفيس ۾ عجائب گهر قائم ڪيو ويو آهي، جتي 1870 کان 2001 تائين بلوچستان پوليس جي استعمال هيٺ رهندڙ برٽس، روسي ۽ مقامي طور تي تيار ڪيل هٿيار، تلوارون، يونيفارم، تمغا، بيج، ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم، ناياب تصويرون ۽ راندين جو سامان رکيو ويو آهي. ڊي آءِ جي ٽيلي ڪميونيڪيشن بلال عمر موجب بلوچستان پوليس جون اڳوڻيون ۽ موجوده علامتون، قيمتي نوادرات، قديم ڊرائيونگ لائسنس، ليک، 1901 کان 2001 تائين داخل ڪيس، عوامي درخواستون، ڊائريون، ضمانتون، راهداريون، پوليس قانون، رجسٽر، لکت حڪم ۽ هٿيارن جي تفصيلن تي ٻڌل دستاويز به عجائب گهر جو حصو آهن، ان کانسواءِ عجائب گهر ۾ بلوچستان جي ارتقائي مرحلن ۽ معاشي ترقي جي حوالي سان به ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي.انتظاميا موجب تاريخي مواد ڪوئيٽا، زيارت، نوشڪي، لورالائي، سبي، جعفرآباد، جهل مگسي، قلعي عبدالله، قلعي سيف الله، زوب مان گڏ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ضلعن مان به تاريخي مواد گڏ ڪري عجائب گهر جو حصو بڻايو ويندو.










