چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون

چين ۽ پاڪستان وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ايم ايل ون جي فريم ورڪ ۽ قراقرم هاءِ وي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ سميت مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ چين جي نائب وزيراعظم هي لي فنگ پڻ شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته چين سان اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، جنهن سان اقتصادي سهڪار وڌندو.هن چيو ته سي پيڪ تحت مختلف منصوبن تي 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو آغاز ٿيو آهي.چين جي نائب وزيراعظم کي هلال پاڪستان ڏنو ويندو.صدر عارف علوي چين جي نائب وزيراعظم کي هلال پاڪستان پيش ڪندو.چين جي نائب وزيراعظم کي هلال پاڪستان ڏيڻ جي تقريب صدر هائوس ۾ ٿيندي.ان کان اڳ چيني نائب وزيراعظم هي لي فنگ جي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شهباز شريف چيني مهمان جو استقبال ڪيو ۽ ڪابينا ميمبرن سان سندس تعارف ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو